آسٽريليا ۾ متاثر ڪندڙ راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين: شان مسعود

پرٿ (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اسان متاثر ڪندڙ انداز ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڇو ته آسٽريليا هڪ بهترين جاءِ آهي، جتي اسان سٺو کيڏي ڪاميابي حاصل ڪنداسين.
پرٿ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته اڃا پليئنگ اليون جو فيصلو ناهي ٿيو، ڪنڊيشن ڏسي رهيا آهيون، ڪامبينيشن ذهن ۾ آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر پچ ڏسي فيصلو ڪنداسين.
هن چيو ته ٽيم جي حيثيت سان ڪنڊيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اسان لاءِ سڀ کان اهم ڪنڊيشن موجب پاڻ کي تيار ڪرڻ آهي، ٽيم جي حيثيت سان ڪجهه مختلف ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان متاثر ڪندڙ انداز ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪڏهن سٺو نه ڪري سگهياسين ته ڏسنداسين ڪٿي غلطيون ٿيون، آسٽريليا سٺي جاءِ آهي، جتي اسان سٺو کيڏي ڪاميابي حاصل ڪنداسين، 5 ڏينهن تسلسل سان ڪرڪيٽ کيڏي ته سٺو نتيجو حاصل ڪري سگهون ٿا.
شان مسعود چيو ته رضوان ۽ سرفراز ٽاپ ڪلاس وڪيٽ ڪيپر بيٽر آهن، ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ ڏکيو آهي، ٻنهي کي کيڏائڻ جو امڪان هر وقت موجود هوندو آهي.
هن ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي هر ميچ کي اهم قرار ڏيندي چيو ته اسان کي وڌيڪ ٽيسٽ ميچون ملڻ گهرجن، اسان کي جيتريون ٽيسٽ ميچون ملنديون آهن اهي ڪافي ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.