فيسبڪ ميسينجر ۾ 2023ع جو سڀ کان وڏو فيچر متعارف

ميٽا فيسبڪ ميسينجر لاءِ 2023ع جو سڀ کان وڏو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.
واٽس ايپ کان پوءِ فيسبڪ ۾ به ميسيج کي ايڊٽ ڪرڻ جو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.
هيل تائين ميسينجر ۾ غلط ٽائيپ ٿيل ميسيج کي ان سينڊ يا ڊليٽ ڪرڻو پوندو هو.
پر هاڻي اوهان کي ڪنهن غلطي ٿيڻ تي ميسيج ڊليٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر ان کي ايڊٽ ڪري سگھجي ٿو.
اهو فيچر موبائيل ايپس سان گڏوگڏ فيسبڪ جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ به واهپيدارن کي دستياب آهي.
ان فيچر جي ذريعي واهپيدار موڪليل ميسيج کي 15 منٽن جي اندر ايڊٽ ڪري سگھن ٿا.
پر اهڙن ميسيجن جي مٿان ايڊٽ جو ليبل نظر ايندو جنهن مان واضح ٿيندو ته ميسيج کي ايڊٽ ڪيو ويو آهي.
فيچر ڪيئن استعمال ڪجي؟
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ سولو آهي.
فيسبڪ تي ميسيج موڪلڻ کان پوءِ موبائيل ايپ تي ان ميسيج تي ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ کان پوءِ اتي ايڊٽ جو آپشن نظر ايندو جنهن کي استعمال ڪري ميسيج کي درست ڪري سگھجي ٿو.
ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ ميسيج کي کٻي پاسي ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي ايڊٽ بٽڻ جي چونڊ ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.