نئون انسان جهڙو روبوٽ جيڪو بيضا به اُٻاري ٿو

ٽيسلا جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) ايلون مسڪ انسان جهڙو روبوٽ آپٽيمس جو نئون پروٽوٽائيپ ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) تي هڪ پوسٽ ۾ ايلون مسڪ انسان جهڙي روبوٽ جي نئين ورجن جي وڊيو پوسٽ ڪئي.
واضح رهي ته آپٽيمس پهريون پروٽو ٽائيپ روبوٽ آڪٽوبر 2022ع ۾ ٽيسلا اي آءِ ڊي جي موقعي تي پيش ڪيو هو.
هاڻي آپٽيمس جنريشن 2 روبوٽ کي تيار ڪيو ويو آهي ۽ وڊيو ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جي هلڻ جي رفتار کي 30 سيڪڙو وڌايو ويو آهي.
وڊيو ۾ ربوت جي مختلف صلاحيت جو مظاهر به ڏيکاريو ويو آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ان جو جسماني توازن بهتر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو جم ۾ اٿڻ ويهڻ جي ورزش به ڪري سگھي ٿو.
اهو روبوٽ بيضا به هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي اٻارڻ لاءِ رکي سگھي ٿو.
ان مقصد لاءِ روبوٽ جي آڱرين ۽ هٿن جي فعلن کي بهتر بڻايو ويو آهي.
ٻي پاسي ڪمپني پنهنجي جاري ڪيل بيان ٻڌايو ته ان نئين روبوٽ ۾ نئون ورجن سسٽم لڳايو ويو آهي ته جيئن اهو پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي وڌيڪ گھرائي سان ڏسي گھمي سگھي.


اهڙيءَ طرح مختلف الگورٿمز ۽ سينسرز کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن هلڻ دوران اهو ڪنهن مسئلن کي منهن نه ڏئي.
بيان موجب اهو روبوٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وزن کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته ان جي بيٽري لائيف کي به بهتر بنايو ويو آهي.
جڏهن آپٽيمس جو پهريون پروٽوٽائيپ ماڊل پيش ڪيو ويو هو، ان وقت ايلون مسڪ ٻڌايو هو ته اسان جو مقصد جلد انسان جهڙو روبوٽ تيار ڪرڻ آهي، اڃا به روبوٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪافي ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.