”پ پ ادارن تي اثرانداز آهي، مڪاني چونڊون مذاق هو، ان تي شرم اچڻ گهرجي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان آڱريون کڄڻ کان اڳ ئي چونڊن کي بچائڻ چاهيون ٿا، ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهڻ سبب پ پ ادارن تي اثرانداز آهي.
ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم چئلينجنگ اليڪشن کي شفاف ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿي، سنڌ ۾ پ پ 15 سالن کان حڪمران جماعت آهي، 15 سال اقتدار ۾ رهڻ سان پ پ ادارن تي اثرانداز آهي.
هن چيو ڌانڌلي جو مثال ڏنو وڃي ته 2023 جون مڪاني چونڊون سڀني جي سامهون آهن، 2023 ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون مذاق هو، ان تي شرم اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اسان آڱريون کڄڻ کان اڳ چونڊن کي بچائڻ چاهيون ٿا، تڪ خراب ڪري ڇڏيو، هٿ پير ٻڌي ڇڏيو ته ڇا اهو مذاق ناهي؟ عدالت 3 تڪين جون تڪ بنديون ڪالعدم قرار ڏنيون آهن، ايم ڪيو ايم عدالت ۾ پنهنجو موقف درست ثابت ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.