ڪلائون فِش، پنهنجي مرضي سان جنس مٽائيندڙ مڇي

دنيا ۾ هونئن ته ٻيا به اهڙا جاندار آهن جيڪي پنهنجي جنس تبديل ڪري سگھن ٿا پر ڪلائون فش ۾ اها خاصيت هڪ ٻئي سبب جي ڪري ان کي ٻين جاندارن کان ممتاز بڻائي ٿي.
ڪلائون فش پنهنجي مرد جنس کي مادي ۾ تبديل ڪندي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته ان جو هڪ گروپ نسل کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم جاري رکي سگھي.
ڪلائون فش ان لحاظ سان ٻين کان انوکي آهي ڇو جو ان جو اهو عمل عمر يا جسم جي لحاظ سان پهريان کان متعين ناهي هوندو پر اها نسل وڌائڻ جي سماجي ضرورت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي جنس تبديل ڪندي آهي.
ڪلائون فش سامونڊي انيمونز (گل جيان نظر ايندڙ سامونڊي جاندارن) وچ ۾ گروهن جي صورت ۾ رهندي آهي. هڪ گروهه بالغ نر، هڪ بالغ مادي ۽ گھڻن ننڍن نرن ڪلائون فش تي ٻڌل هوندو آهي جيڪي جنسي طور تي بالغ ناهن هوندا.
جڏهن مادي مڇي مري ويندي آهي ته ان جو مرد ساٿي پنهنجي جنس مٽائي ان جي جاءِ والاريندو آهي ته جيئن گروهه ۾ موجود ٻين ڪائون فش مان ڪنهن هڪ بالغ نر نسل وڌائڻ ذميواري سنڀالي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.