ڀٽو جي ڦاهي تي صدارتي ريفرنس جي 11 ورهين کانپوءِ ٿيندڙ ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي، 9 عدالتي مددگار مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ذوالفقار ڀٽو صدارتي ريفرنس ۾ عدالت جي مدد لاءِ 9 مددگار مقرر ڪري ڇڏيا.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، پ پ طرفان وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان روسٽرم تي موجود هئا، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عدالتي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته هي صدارتي ريفرنس آهي ته ڇا حڪومت ان کي هاڻ به هلائڻ چاهي ٿي؟ ان تي اٽارني جنرل چيو مون کي هدايتون آهن ته صدارتي ريفرنس کي حڪومت هلائڻ چاهي ٿي، ريفرنس 15 صفحن تي ٻڌل آهي.
چيف جسٽس پڇيو ته صدارتي ريفرنس ۾ صدر صاحب اسان کان ڇا ٿو چاهي؟ ڪهڙي صدر اهو ريفرنس فائل ڪيو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته آصف زرداري صدر طور اهو ريفرنس موڪليو هو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪنهن صدر صدارتي ريفرنس واپس نه ورتو ته اهو هاڻ به عدالت جي اختيار ۾ آهي.
چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته ريفرنس پڙهي ٻڌايو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ريفرنس 15 صفحن تي ٻڌل آهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه صدارتي ريفرنس تي سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائي چڪي ۽ نظرثاني به خارج ٿي وئي، ختم ٿيل ڪيس کي ٻيهر ڪيئن ٿا ڏسي سگهون؟ سپريم ڪورٽ ٻي نظرثاني نٿي ٻڌي سگهي، هڪ معاملو ختم ٿي چڪو آهي، عدالت کي اهو ٻڌايو ته ڪيس ۾ قانوني سوال ڪهڙو آهي؟ فيصلو برو هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي آهي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اهي آئيني سوال آهن، جن جو جواب ضروري آهي.
فاروق نائيڪ چيو ته ڀٽو ڪيس عوامي اهميت رکندڙ هو، جنهن تي جسٽس منصور چيو عوامي اهميت رکڻ جو سوال صدر کي ڏسڻو هو، عدالت قانوني سوال ڏسندي، عدالت قانوني سوال بنا فيصلو ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ عدالت ڪهڙي قانون تحت اهو ريفرنس هلائي؟
پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪيس ۾ 9 عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.