ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اثاثن جي ماليت سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) بابت اهو مثال عام آهي ته ان جي اثاثن جي ماليت امڪاني طور تي سڀني ڪرڪيٽ بورڊز کان وڌيڪ آهي پر هاڻي ان جي حقيقي اثاثن جي ماليت پهريون ڀيرو منظر عام تياچي وئي آهي.
رپورٽ موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اثاثن جي گڏيل ماليت 18 هزار 760 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي جيڪا ڪرڪيٽ آسٽرليا کان 28 ڀيرا وڌيڪ آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ 685 ڪروڙن جي اثاثن سان ٻين امير ترين ڪرڪيٽ بورڊ آهي. ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ڪپ 2023ع کان هندستاني معيشت کي سرڪاري انگن اکرن تحت 22 هزار ڪروڙ رپين جو فائدو ٿيو آهي.
ڪرڪ بز جي رپورٽ موجب 2008ع کان شروع ٿيل انڊين پريميئر ليگ (پي ايس ايل) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي دنيا جي سڀ کان امير ترين بروڊ بڻجڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته آسٽرليا بگ بيش ليگ جنهن کي دنيا جي بهترين ليگز مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ان بورڊ جارڳو (78 ملين ڊالرز) جا اثاثا آهن.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ 59 ملين ڊالرز جي گڏيل ماليت سان ٽئين پوزيشن تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.