دنيا ۾ دماغ سڀ کان پهريان ڪهڙي جاندار ۾ وجود ۾ آيو

آڪسفورڊ (ويب ڊيسڪ) دماغ هجڻ انساني تجربي لاءِ ايترو ضروري آهي جو ان کانسواءِ ڪنهن به زندگي جو تصور ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي. پر گھڻن جاندارن وٽ دماغ ناهي هوندو ۽ وقت جي ڦيٿي کي جيڪڏهن گھڻي پوئتي ڦيرايو وڃي ته متان اسان جي ملاقات پنهنجن ابن ڏاڏن سان ٿي وڃي جن وٽ دماغ نالي ڪا شيءِ ئي موجود نه هئي. تنهنڪري سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان اڳ دماغ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي اندر وجود م آيو؟
ان حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ارتقائي ترقي جي حياتيات بابت ماهر سيبسشين شيملڊ اعتراف ڪيو ته اهو هڪ ڏکيو سوال آهي. اهو فرق ڪرڻ به ڏکيو آهي ته ڪنهن وٽ دماغ آهي ۽ ڪنهن وٽ نه، ڇو جو اسان وٽ دماغ جي قطعي تعريف موجود ناهي.
ٻي پاسي سائنسدانن دماغ نه رکندڙ جانورن کي ڌار ڪري دماغ جي ارتقائي ماخذ تي ڪجهه ڪجهه مطالعو فراهم ڪيو آهي. مثال طور اسپنج ۾ نيورانز ناهن هوندا ان ڪري ان کي ڌار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيلي فش (مڇي) ۽ سامونڊي انيمونز ۾ نيوران جو نيٽورڪ ته هوندو آهي پر انهن ۾ اسان جي دماغ جهڙو ڪو به مرڪزي عضوي جو نظام موجود ناهي هوندو.
ڊاڪٽر سيبسشين چيو ته تقريبن 600 ملين سال اڳ جانورن جو هڪ گروهه تيار ٿيو جنهن ۾ دماغ جو رڳو اڳيون ۽ پٺيون حصو موجود هو. اڳ وارو اهو حصو جيڪو اعصابي نظام ڪرسٽلائز هوندو آهي ڇو جو اهو جانور جو اهو حصو هوندو اهي جيڪو ماحول مان سڌي ريت تجربو حاصل ڪندو آهي.
ڊاڪٽر سيبسشين وڌيڪ چيو ته مڪمل اعصابينظام سڀ کان پهريان امڪاني طور تي هڪ ڊگھي ۽ سنهڙي جيت واري جانور ۾ تيار ٿيو هو. اسان جو مڃڻ آهي ته ان کان پوءِ ٻين جيترن ۾ دماغ رکندڙ جانور آيا اهي سڀ انهيءَ جيت جي اعصابي ڍانچي سان ماخوذ آهن.
اڄ گھڻا جاندار آهن جن ۾ ڪجهه ڪرنگهي کانسواءِ وارا جانور به شامل آهن جهڙوڪ آڪٽوپس جنهن جو دماغ اسان جي دماغ جيان ڪم ڪندو آهي. اڪٽوپس جو دماغ به ادراڪ، رويي ۽ يادداشت جهڙن اعليٰ فعلن کي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو. اهو پيچيدهه ۽ حيران ڪندڙ آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو هڪ جيت جي مٿي ۾ موجود نيورانز جي نظام سان وجود ۾ آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.