روئيندڙ عورتون اسڪرين تي وڌيڪ وڪامجنديون آهن:رابعه بٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا رابعه بٽ چيو آهي ته روئندڙ عورتن جا منظر فلمن ۽ ڊرامن ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪندا آهن.
هڪ يونيورسٽي ايونٽ ۾ ڳالهائيندي اداڪارا رابعه انعم بٽ چيو ته ڊرامو عورت جي مضبوط ڪردار تي بڻايو وڃي ته اهو فلاپ ٿي ويندو آهي.
هن چيو ته عام ناظرين اهڙا ڊراما ۽ فلمون پسند ڪندا آهن جن ۾ عورت کي ڪمزور ۽ ڪمري ۾ روئيندي ڏيکاريو ويو هجي.
اداڪارا ٻڌايو ته عورتن جي اسٽيريو ٽائيپ ڪردارن تي سمورو ملبو ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر تي نٿو وجهي سگھجي، جيڪا شيءِ عوام ۾ وڪامجي ٿي ان کي ٺاهيو ويندو آهي.
اداڪارا ماڻهن جي ٻٽي شخصيت کي نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو چوندا اهن ته اهي ڪجهه مختلف نظر اچڻ چاهين ٿا ته اهو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.