سعودي جي خواهشمند پاڪستانين لاءِ اهم خبر

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت عمارت، دڪان يا فليٽ سميت ڪنهن به ملڪيت کي ڪرائي تي ڏيڻ وقت سرڪاري ”ايجار سسٽم“ ۾ ڪرائي جي رجسٽريشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي ۽ جنوري 2024ع کان هن پورٽل ذريعي ئي ڪرائي جي ادائگي ڪرڻي پوندي.

ريئل اسٽيٽ جنرل اٿارٽي جي ترجمان چيو ته ايجار پورٽل کان سواءِ ڪنهن به طريقي سان ڪرائي جي ادائگي قبول نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته اها پابندي ڪرائي جي حوالي سان مالياتي ٽرانزيڪشن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي. ejaar portal ذريعي ڪرائي تي ڏيڻ فراڊ جي دائري کي محدود ڪري ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.