سنڌ ۾ تعليمي بورڊز جي سربراهي ڪمشنرز کي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ ميرٽ تي چيئرمين مقرر ڪرڻ بدران اسٽاپ گيپ ارينج منٽ جي نالي تي بيوروڪريٽس کي چيئرمين مقرر ڪيو پيو وڃي.
انٽر بورڊ ڪراچي جي عهدي جي چارج ڪمشنر ڪراچي، سکر بورڊ جي چيئرمين جي عهدي جي چارج ڪمشنر سکر ۽ نواب شاهه بورڊ جي چيئرمين جي عهدي جي چارج ڪمشنر نوابشاهه کي ڏني پئي وڃي جڏهن ته ٻين بورڊز ۾ مبه چيئرمين جي عهدي جي چارج ڪمشنرز کي ڏني ويندي.
ان حوالي سان يونيورسٽي ۽ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري نور محمد سمون پاران موڪليل سمري جي سنڌ جي نگران وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي جڏهن اليڪشن جي شيڊول جو اعلان ٿيڻ وارو آهي، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط ذريعي آگاهه ڪري چڪو آهي ته آفيسر اليڪشن ڊيوٽيز ۾ مصروف آهن تنهنڪري سندس بدليون نه ڪيون وڃن جڏهن ته سنڌ جي بورڊز آف ريونيو اليڪشن ڪميشن جي خط جي روشني ۾ ڪيل بدلين جي عمل کي روڪي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.