دنيا جي بدقسمت بالر سان ٿيل واقعو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويو

دنيا جي بدقسمت ترين بالر سان ملو جنهن سان ڪجهه اهڙو ٿيو آهي جيڪو يقين ڪرڻ جوڳو ناهي.
آسٽرليا جي اي سي ٽي پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ ان بالر سان پيش آيل واقعو انٽرنيٽ تي وائرل ٿيو.
اها مئچ آسٽريليا جي شهر وارنامبول جي Reid Oval اسٽيڊيم ۾ Ginninderra ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ويسٽ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ 9 ڊسمبر تي ٿي هئي.
Ginninderra جي بالر اينڊي رينالڊز مخالف ٽيم جي بيٽر ميٿيو بوسٽو کي ڪلين بولڊ ڪري جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
پر ڪجهه دير بعد بالر ۽ ٻين رانديگرن کي احساس ٿيو ته بال سان مڊل اسٽمپ تي ڪري پئي پر وڪيٽن جي مٿان لڳل بيلز پنهنجي جاءِ تي ڄميل آهن.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بيٽر به پويلين وڃڻ لڳو ته کيس ٻڌايو ويو ته بيلز پنهنجي جاءِ تان ناهي چُري جنهن تي هو واپس اچي ويو.
امپائرز وچ ۾ ڊگھي مشاورت کان پوءِ بيٽر کي ڪرڪيٽ قانونن موجب ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو.
ڪرڪيٽ قانونن جو تعين ڪندڙ ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) موجب ڪنهن بيٽر کي انهيءَ وقت آئوٽ قرار ڏئي سگھجي ٿو جڏهن گھٽ ۾ گھٽ هڪ بيل اسٽمپ تان هيٺ گرائونڊ تي ڪري.

ميچ کان پوءِ ٽيم جي ڪپتان سام وائيٽ مين اعتراف ڪيو ته هوءَ ميٿيو بوسٽو جي ناٽ آئوٽ رهڻ تي خوش نه هو.
هن چيو ته آئون پهريان ڪڏهن به ائين ناهي ڏٺو، حقيقت ۾ اسان مان ڪنهن هڪ به نه ڏٺو هوندو، شروع ۾ اسان کي اهو کِل جوڳو لڳو ۽ خوشي به ٿي ته اسان وڪيٽ حاصل ڪري ورتي آهي پر پوءِ بيٽر واپس اچي ويو ته اسان کي سٺو نه لڳو.

پر ان بيٽر کي جلد آئوٽ ڪيو ويو هو، اي سي ٽي جي ايڪس اڪائونٽ تي ان واقعي جي تصوير سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي آهي.
ايڪس واهيپدارن اينڊي رينالڊز کي دنيا جو بدقسمت ترين بالر قرار ڏنو پر سام وائيٽ مين چيو ته اينڊي رينالڊز به دنگ رهجي ويو هو.
سندس چوڻ هو ته اينڊي پهريان ڪڏهن به ائين ٿيندي ناهي ڏٺو تنهنڪري کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.