پنهنجي عمر مان مزو وٺي رهي آهيان:ندا ياسر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور مارننگ شو هوسٽ ۽ اداڪارا ندا ياسرچيو آهي ته هوءَ پنهنجي ان عمر مان مزو وٺي رهي آهي.
اداڪارا ندا ياسر تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد سميت ڪيريئربابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان اداڪار کان سوال ڪيو ته اسان وٽ اهڙي ذهنيت موجود آهي جيڪا ماڻهن کي ڏسي چوندي آهي ته اري هوءَ ته آنٽي ٿي وئي آهي، سندس عمر وڌي وئي آهي ۽ پوءِ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهري ٿي ۽ ڳاڙهي لپ اسٽڪ لڳائي ٿي ڄڻ ڪا ننڍي عمر جي ڇوڪري هجي.
جواب ۾ ندار ياسر چيو ته آئون ته پنهنجي ان عمر کي گھڻو انجواءِ ڪري رهي آهيان جنهن جو سبب اهو آهي جو اسان زندگي ۾ گھٽي محنت ڪئي آهي، آئون 19 ورهين جي عمر ۾ ڪم شروع ڪيو، جڏهن اسان ننڍي عمر جا هئاسين ته پنهنجي دنيا ٺاهڻ لاءِ ڦڙو ڦڙو گڏ ڪري رهيا هئاسين،هر هنڌ پئسا بچائيندا هئاسين ته گھر ٺاهڻو آهي گاڏي وٺڻي آهي.
اداڪارا چيو ته ان زماني ۾ نه پاڻ کي ڪڏهن وقت ڏنو نه ئي ڪا مهانگي ڪريم خريد ڪئي، بس رڳو منهن ڌوئيندا هئاسين، هوريا هوريان جڏهن وقت گذريو ۽ اسان کي محنت جو ڦل ملڻ شروع ٿيو ته سموريون ذميواريون پوريون ٿي ويون تڏهن پاڻ کي شيشي ۾ ڏٺو ۽ چيو ته چلو هاڻي پاڻ کي وقت ڏيون ٿا.
ندا ياسر جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته ايتريون سرجريون ڪرايون وغيرا وغيرا، اسان هاڻي پاڻ کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو آهي،پاڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هاڻ اسان کي سمجهه ۾ آيو آهي ته اسڪرين تي ڪهڙا ڪپڙا پائڻا ۽ ڪهڙو ميڪ اپ ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.