انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو شيڊيول جاري

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2024 جو شيڊيول جاري ڪيو ويو.

انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 19 جنوري کان 11 فيبروري تائين ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ ۾ ڪل 16 ٽيمون حصو وٺنديون، ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

گروپ اي ۾ ڀارت، بنگلاديش، آئرلينڊ ۽ آمريڪا جڏهن ته گروپ بي ۾ انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ جون ٽيمون شامل آهن.

گروپ سي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، زمبابوي ۽ نميبيا جڏهن ته گروپ ڊي ۾ پاڪستان، افغانستان، نيوزيلينڊ ۽ نيپال شامل آهن، پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 20 جنوري تي افغانستان سان کيڏندو.

پاڪستان انڊر 19 ٽيم 24 جنوري تي نيپال ۽ 27 جنوري تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي، ايونٽ جو فائنل 11 فيبروري تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.