آسٽريلوي بالر ٽيسٽ سيريز ۾ بابر اعظم کان ڊنل

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي بالرن بابر اعظم کي دنيا جو بهترين بيٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان خلاف سيريز ۾ بابر اعظم اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 14 ڊسمبر کان پرٿ ۾ ٿيندي.
سيريز کان اڳ بابر اعظم بابت ڳالهائيندي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو ته هو دنيا جي بهترين بيٽرن مان هڪ آهي ۽ ان ۾ ڪي ڪمزوريون به ناهن، بابر جي ٽيڪنڪ تمام گهڻي مضبوط آهي، گرائونڊ جي ڪنهن به پاسي ۾ کيڏي سگهي ٿو، بابر هن سيريز ۾ اسان لاءِ ڏکيو هوندو.
آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ چيو ته بابر اعظم هڪ ڪلاس جو رانديگر آهي، جنهن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڻ ملهايو ۽ پوءِ پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي به مضبوط ڪيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان بابر کي آئوٽ نه ڪيو ته هو توهان کي نقصان پهچائيندو، بابر بالر تي پريشر وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
آسٽريلوي اسپنر نيٿن ليون چيو ته بابر اعظم ۾ وڏيون صلاحيتون آهن، توهان سدائين دنيا جي بهترين رانديگرن خلاف کيڏڻ چاهيندا آهيو ۽ هو انهن مان هڪ آهي.
فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ به بابر اعظم جي تعريف ڪندي چيو ته وٽس هر قسم جا شاٽ آهن، هو اهڙو رانديگر آهي، جيڪو اننگز ٺاهي سگهي ٿو ۽ وقت تي جارحاڻو به کيڏي سگهي ٿو، هو ڪنهن به وقت راند جو پاسو تبديل ڪري سگهي ٿو، هو دنيا جو بهترين رانديگر آهي پر اميد ته کيس هن ڀيري رنسون ٺاهڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.