مشهور ٽي وي شو ”سي آءِ ڊي“ بند ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سي آءِ ڊي ڀارتي ٽي وي جي مقبول ترين شوز مان هڪ آهي، جنهن لڳاتار 21 سالن تائين ڏسندڙن جي دلين ۽ ذهنن تي قبضو ڪيو آهي، پر هاڻي ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ٽي وي جي مقبول ترين شو سي آءِ ڊي جي مداحن لاءِ بري خبر آهي ته 21 سالن کانپوءِ شو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب سي آءِ ڊي ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ ٽيلي ڪاسٽ ٿيندڙ شو جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سي آءِ ڊي جا مکيه ڪردار اي سي پي پرديومان، اڀيجيت ۽ ديا به ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول آهن.

چينل انتظاميا جو چوڻ آهي ته سي آءِ ڊي ٽيم ۽ فائر ورڪ پروڊڪشن جي سهڪار سان شو جي آخري قسط 27 آڪٽوبر تي نشر ڪئي وئي.

ان سان گڏ سي آءِ ڊي جي پروڊڪشن ٽيم به نئين سيزن سان واپس اچڻ جو اشارو ڏنو آهي جنهن ۾ اڳي کان وڌيڪ ايڪشن ۽ ايڊونچر سان ڀرپور قسطون پيش ڪيون وينديون.

واضح رهي ته سي آءِ ڊي جي پهرين قسط 1997ع ۾ نشر ڪئي وئي هئي ۽ هن وقت تائين 1500 قسطون نشر ٿي چڪيون آهن، ديا جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ديانند شيٽي شو جي بندش جو سبب چينل جي مسئلن کي قرار ڏيندي چيو هو ته اسان کي پڻ اوچتو شو بند ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.