موسمياتي ماهرن ڪراچي وارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي ماهرن ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسمياتي تجزئي نگار اويس حيدر موجب 15 ڊسمبر کان ٿڌيون هوائون پاڪستان جو رُخ ڪنديون، جنهن سبب ڪراچي ۾ به ٿڌ وڌي ويندي ۽ پارو گهٽجڻ جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو ته شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن تائين پارو 14 کان 12 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران اتر اوڀر کان هلندڙ هوائن سبب شهر جو فضائي معيار متاثر رهندو پر ايندر 10 ڏينهن ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.