انڊر 19 ايشيا ڪپ: پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان اذان اويس جي شاندار سينچري جي مدد سان ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي.
دبئي ۾ جاري اي سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ ۾ آچر ڏينهن ٿيل مقابلي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ڀارت کي اڳ ۾ بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڀارتي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهيون، ادرش سنگهه 62، ادي شرن 60 ۽ سچن ڌاس 58 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان محمد ذيشان شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عامر حسين ۽ عبيد شاهه 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان ٽيم گهربل هدف 47 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان پورو ڪري ورتو.
گرين شرٽس طرفان اذان اويس جي شاندار سينچري ۽ ڪپتان سعد بيگ جي 66 رنسن جي اننگز ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
اذان اويس 105 ۽ سعد بيگ 68 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم پهرين ميچ ۾ نيپال کي شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.