لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت هيلٿ انشورنس پروگرام تحت ملازمن جي پگهارن مان سالياني پريميئم ڪٽوتي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهو فيصلو آڪٽوبر ۾ واپس ورتو ويو جنهن کانپوءِ صحت کاتي ان حوالي سان ناڻي کاتي کي خط لکيو. جڏهن ته صوبائي ڪابينا هاڻي پگهارن مان ڪٽوتي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
1 جنوري 2024ع کان، هيلٿ انشورنس پروگرام ۾ حصو وٺندڙ هر سرڪاري ملازم جي پگهار مان 4350 رپيا سالياني ڪٽوتي ڪئي ويندي.