خضدار ۾ ڌماڪو، ايس ايڇ او سي ٽي ڊي شهيد

خضدار (ويب ڊيسڪ) خضدار ۾ ڌماڪي ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي محمد مراد ڄاموٽ شهيد ٿي ويو.
ايس ايڇ او خضدار ڌماڪي ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته محمد مراد ڄاموٽ جي گاڏي تي سلطان ابراهيم روڊ تي حملو ٿيو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪو آءِ اي ڊي ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ محمد مراد ڄاموٽ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري ورتيون ۽ واقعي جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.