پچ ”خطرناڪ“ ٿي وئي، ميچ رد

بگ بيش ليگ ۾ پچ جي ”خطرناڪ“ حالت سبب ميچ رد ڪئي وئي.
سڄي رات برسات کانپوءِ گيلونگ اسٽيڊيم ۾ پرٿ اسڪارچرز ۽ ميلبورن رينيگيڊز ۾ مقابلو ٿيو.
ميلبورن جي ڪپتان ٽاس کٽي پرٿ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته وڪيٽ بلڪل آلي ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اسان رڳو اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته ٿئي ڇا ٿو.
اسڪارچرز جلد ئي ٻه وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، ڇو ته بالنگ ۾ تمام گهڻو بائونس ملي رهيو هو ۽ بيٽر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا هئا.
بيٽنگ دوران تيز ۽ غير معمولي بائونس تي بيٽر حيران ٿيا ۽ هنن پچ کي غير محفوظ سمجهندي معاملو امپائرن سامهون رکيو.
صلاح مشوري کانپوءِ ميچ کي 45 منٽن کانپوءِ ئي ختم ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.