”عوام نواز شريف کي آخري اميد سمجهي ووٽ ڏيندو“

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته عوام نواز شريف کي آخري اميد سمجهي ووٽ ڏيندو.
شيخوپورا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته نواز شريف به پيشيون ڀوڳيون آهن، نواز شريف کي 8 سالن کانپوءِ وڏي سستي اسان انصاف ڏنو پيو وڃي، سزا ڏئي چيو ويو پرائم منسٽر هائوس خالي ڪيو.
هن چيو ته انتقام وٺندڙ انڌا ٿي ويا هئا، اسان کي ڪڍڻ کانپوءِ ملڪ جي ڪهڙي ڀلائي ٿي؟ نواز شريف لاڏلو نه هو، ان ڪري کيس سز اڏني وئي.
سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي تي سوديبازي نه ٿيندي، ووٽ کي عزت ڏيڻ جو مقصد عوام جون ترجيحون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.