ڪراچي کان لاهور ويندڙ ”ڪراچي ايڪسپريس“ ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس ۾ باهه لڳي وئي.
ريلويز ترجمان موجب ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي پاور وين ۾ باهه لڳي وئي، باهه ڪاهنه ڀرسان لڳي پر ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.
ترجمان ٻڌايو ته عملي پاور وين کي الڳ ڪري بوگين کي بچائي ورتو، جڏهن ته لاهور ريلوي جي امدادي ٽيم ڪاهنه رواني ڪئي وئي.
ترجمان موجب باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، ٽرين ڪراچي کان لاهور وڃي رهي هئي، واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.