لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس لڳرائڻ لاءِ مرڻو پوندو: فواد چوڌري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊيوٽي سول جج راولپنڊي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي فراڊ ڪيس ۾ هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کيس سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس لڳرائڻ لاءِ مرڻو پوندو.
هن چيو انتظار ڪري رهيا آهيون ته ڪڏهن ٿا مرون ۽ ڪيس ٿو لڳي، ڪوڙا ڪيس ڀوڳي رهيو آهيان، هڪ ختم ٿو ٿئي ته ٻيو ٺهي ٿو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.