ڪراچي تي قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ناڪام ڪرڻو آهي: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ملڪ کي 4 هزار ارب رپين جو ٽيڪس ڏيندو آهي، جنهن سان سڄو پاڪستان هلندو آهي.
ڪراچي ۾ سني تحريڪ جي اڳواڻ ثروت اعجاز قادري سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي حد کان وڌي وئي آهي، نوجوان اعليٰ ڊگريون رکڻ باوجود بائيڪ رائيڊر بڻيل آهن.
هن چيو ڪراچي هلندو آهي ته سڄو پاڪستان هلندو آهي، ڪراچي شهر ملڪ کي 4 هزار ارب رپين جو ٽيڪس ڏيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان هڪ وڏو اتحاد ۽ وڏي تحريڪ قائم ڪري رهيا آهيون، موروثي سياست ذريعي قبضو ڪندڙن جو خاتمو ڪنداسين، ڪراچي تي جن قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ناڪام ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.