چونڊون ويجهو اچي ويون پر سرگرمين ۾ دم ڇو ناهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چونڊن ۾ ٿورڙو وقت بچيو آهي پر هن وقت تائين اهڙي سياسي گرما گرمي نظر ناهي آئي جيڪا گذريل دورن ۾ ڏٺي وئي آهي.

گذريل ڀيري جيڪي زوردار جلسا ۽ عوامي ميڙاڪا ۽ سياسي گڏجاڻيون ۽ جوڙ ٽوڙ ٿيندي رهي آهي اها هن ڀيري چونڊون ويجهو اچڻ جي باوجود نظر نٿي اچي.

ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا، مثال طور اليڪشن ڪميشن چونڊن جو شيڊيول پهرين آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جو چيو هو پر هاڻي اهو 15 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.

سياسي پارٽيون اهو چئي رهيون آهن ته هو چونڊن لاءِ تيار آهن پر هنن اميدوارن جا نالا ئي اڃا فائنل ناهن ڪيا، انٽرويوز جو سلسلو جاري آهي، ممڪن آهي ته نالا فائنل ٿيڻ بعد ڪا اڳڀرائي ٿئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي جيل ۾ هجڻ ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن تي پابندي سبب به سياسي سرگرمين ۾ زور ناهي.

ٻئي پاسي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پهريان وڏن وڏن شادي هالن ۽ ٻين ميدانن ۾ سليڪٽ ڪيل اميدوار ئي خرچ ڪندا هئا جڏهن ته فنڊنگ جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو ڇو ته پهريان اڻ ڄاتل هنڌن تان فنڊنگ حاصل ڪئي ويندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.