واٽس ايپ آڊيو تي به ڪم جو فيچر هڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مقبول ترين ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس اپ واهپيدارن لاءِ هڪ بهترين فيچر شامل ڪيو آهي.

انسٽنٽ ميسينجر واٽس ايپ واهپيدارن جي ڳالهه ٻولهه دوران سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي هڪ اهم فيچر متعارف ڪرايو آهي.

WhatsApp آگسٽ 2021 ۾ فوٽوز ۽ وڊيوز جي پرائيويسي کي بچائڻ ۽ ايپ جي ميموري کي بچائڻ لاءِ هڪ فيچر ’ويو ونس‘ متعارف ڪرايو.

هن فيچر تحت موڪليل تصوير يا وڊيو چيٽ مان غائب ٿي ويندي آهي.

پر هاڻي ڪمپني آڊيو پيغامن کي به ان فيچر جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

واٽس اپ پاران ڪيل هڪ اعلان موجب، واهپيدار هاڻي ويو ونس يعنيٰ هڪ ڀيرو ٻڌڻ جوڳو آڊيو پيغام موڪلي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.