اسان جي قيادت ڪڏهن ٻاهر ناهي ڀَڳي: شرجيل ميمڻ

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ سياسي دشمنين کان پاسو ڪندي آهي ۽ اسان جي قيادت ملڪ مان ناهي ڀڳي.
ٽنڊي ڄام ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا سڀني سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، 8 فيبروري چونڊن جو ڏينهن آهي، ڪجهه جماعتون عوام وٽ وڃڻ کان ڊڄن ٿيون.
هن چيو ته اسان سياسي دشمنين کان پاسو ڪندا آهيون ۽ نفرت جي سياست جو خاتمو چاهيون ٿا، اسان جو مقصد سياسي جماعتن کي گڏ ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ عوام جي مقبول ترين جماعت آهي، ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اسان جي قيادت ڪڏهن ملڪ مان ناهي ڀڳي، اسان چونڊن جي شيڊيول جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته اسان عوام جي آسري چونڊ وڙهندا آهيون، اسان نٿا چاهيون ته ميچ فڪس ٿئي، اسان جو مقابلو ڪنهن جماعت سان نه پر ملڪي مسئلن سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.