گاجي کهاوڙ (ويب ڊيسڪ) گاجي کهاوڙ ويجهو گهر مان چوري دوران چورن فائرنگ ڪري نوجوان ناري کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ لشڪر خان لاشاري ۾ چوري جي واردات دوران چورن نوجوان ناري کي ان وقت قتل ڪيو جڏهن ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا ۽ چورن فائرنگ ڪري ڏني.
چورن جي فائرنگ ۾ 17 ورهين جي خالده لاشاري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، خالده اسپتال منتقل ڪندي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.