چيني ٿوم آمريڪا جي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار

آمريڪي سينيٽر رڪ اسڪاٽ دعويٰ ڪئي آهي ته چين مان گهرائي ويندڙ ٿوم نه پر ملڪي صحت ۽ معيشت پر قومي سلامتي لاءِ به خطرو آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
چيني ٿوم تي آمريڪي سينيٽر جي تازي ڳڻتي کان اڳ به آمريڪي سياستدان ۽ اسيمبلي ميمبر چيني شين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن پر ان باوجود آمريڪا ۾ چيني شيون وڏي پئماني تي استعمال ٿي رهيون آهن.
چين جي سبزين ۽ ميون تي آمريڪي حڪومت اڳ ئي ڳرو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي ته جيئن عوام ۾ انهن شين جي حوصلا شڪني ٿي سگهي پر آمريڪي سينيٽر چيني ٿوم کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
ريپبليڪن آمريڪي سينيٽر رڪ اسڪاٽ ڪامرس سيڪريٽري کي خط لکي چيني ٿوم تي اعتراض ڪندي ان کي آمريڪين جي صحت، معيشت ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو.
هن لکيل خط ۾ الزام هنيو ته چين ۾ غير محفوظ طريقن سان ٿوم پوکي ويندي آهي، اتي انساني فضلي سان مليل پاڻي ذريعي ٿوم سميت ٻيون سبزيون تيار ڪيون وينديون آهن، جن جا ثبوت پڻ موجود آهن.
سينيٽر راڪ اسڪاٽ چيو ته ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، آمريڪا ۾ ڪميونسٽ ملڪ جي تيار ڪيل ٿوم استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪا آمريڪين جي صحت، معيشت ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.