”ڀُٽو جي ڪيس جيان ڇا اسان نواز شريف کي انصاف لاءِ 45 سال انتظار ڪيون“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي اڄ خوشي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي ڪيس ٻڌو پيو وڃي پر ڇا ان وقت جيڪا ناانصافي ٿي، ان جو ازالو ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اسان نواز شريف کي انصاف جي فراهمي لاءِ 45 سال انتظار ڪيون؟
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته اسان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 5 منٽ دير سان وڃون ته ضمانت خارج ٿي ويندي آهي، لاڏلي لاءِ صبح 8 وڳي عدالت لڳندي هئي ۽ رات 8 وڳي هو چوندو هو ته منهنجو حاضري جو موڊ ناهي.
اڄ خوشي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي ڪيس ٻڌو پيو وڃي پر ڇا ان وقت جيڪا ناانصافي ٿي، ان جو ازالو ڪري سگهجي ٿو؟ نواز شريف کي هر هر سزا ڏني وئي ۽ 2017 ۾ انصاف جو قتل ٿيو، ڇا اسان انصاف جي فراهمي لاءِ 45 سال انتظار ڪيون؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.