”هاڻ شوقين ميدان ۾ هڪ مختلف بابر اعظم ڏسندا“

پاڪستان ۽ ڀارت جي اڳوڻن ڪرڪيٽرن وسيم اڪرم ۽ گوتم گنڀير بابر اعظم کي بهتري لاءِ پاڪستان سپر ليگ ۾ به ڪپتاني ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
هڪ مقامي اسپورٽس پليٽ فارم سان گفتگو ۾ وسيم اڪرم بابر اعظم کي صلاح ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو هڪ رانديگر جي حيثيت سان کيڏي، رنسون ٺاهي ۽ پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي.
سندس موجب مان ڪجهه وقت اڳ بابر اعظم کي مشورو ڏنو هو ته ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني نه ڪري، هو هڪ وڏو رانديگر آهي، پنهنجو پئسو وٺي ۽ راند کيڏي، رنسون ٺاهي، گهر وڃي ۽ پوءِ ايندڙ ايونٽ ۾ شرڪت ڪري.
اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته مان بابر اعظم کي چيو هو پاڪستان جي ڪپتاني ٺيڪ آهي پر ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني سان دٻاءُ وڌندو.
اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گنڀير به وسيم اڪرم جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ مان بابر اعظم جي ٽاپ اسڪورر رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر قيادت جي دٻاءَ سبب سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي وئي.
هن چيو ته ڪپتاني کان آزاد ٿي بابر اعظم جون بهترين صلاحيتون کليل نموني سامهون اينديون، هاڻ ميدان ۾ شوقين هڪ مختلف بابر اعظم ڏسندا، جيڪو اڄ تائين ڪنهن نه ڏٺو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.