”مس وينزويلا“ جو تاج ماسترياڻي پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو

وينزويلا ۾ حسن جي سالياني مقابلي ۾ هڪ ماسترياڻي ”مس وينزويلا“ جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب لاطيني آمريڪي ملڪ وينزويلا ۾ حسن جو ساليانو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ماسترياڻي مارڪيوس مس وينزويلا جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو.
رپورٽ موجب مس وينزويلا جو مقابلو ڪجهه ڏينهن کان جاري هو، فائنل ۾ ماسترياڻي مارڪيوس ملڪ جي ٻين رياستن مان ايندڙ ٻن سندرين کي هارايو.
مس وينزويلا بڻجندڙ مارڪيوس جو واسطو ملڪ جي اميزوناس رياست سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.