نوجوان ڀارتي اداڪارا دل جي دوري سبب ديهانت ڪري وئي

ڏکڻ ڀارت جي مليالم فلمن جي ناليواري اداڪارا لڪشميڪا سجيوان 24 ورهين جي عمر ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري وئي.
لڪشميڪا سجيوان پنهنجي شاندار اداڪاري سبب مليالم فلمن ۾ گهڻي مقبول هئي، سندس موت جي افسوسناڪ خبر فلم انڊسٽري ۽ مداحن کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جو موت شارجا ۾ ٿيو، جتي هوءَ هڪ بئنڪ ۾ ملازمت ڪندي هئي، کيس مليالم ٽيلي فلم ”ڪاڪا“ ۾ غريب ڇوڪري جو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪرڻ تي ڏاڍي شهرت ملي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.