ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون ڪيتريون وارداتون ٿيون؟ انگ اکر جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿيون، جن ۾ مختلف واقعن ۾ 52 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، 189 شهري گاڏين، 4 هزار 7 سئو 24 موٽر سائيڪلن ۽ ٻه هزار 200 97 موبائل فونز کان محروم ٿيا.
سٽيزنز پوليس لائنز ڪميٽي (سي پي ايل سي) گذريل مهيني ڪراچي ۾ ٿيندڙ وارداتن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون ٿيون، ڦر ۽ ذاتي جهيڙي جي مختلف واقعن ۾ 52 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.
سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نومبر ۾ ڪار لفٽرن 189 گاڏيون چوري ڪيون، پوليس رڳو 43 گاڏين جي ريڪوري ڪري سگهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهرين کي 4 هزار 724 موٽر سائيڪلن کان محروم ڪيو ويو، پوليس طرفان رڳو 224 موٽر سائيڪلون ريڪور ڪيون ويون.
رپورٽ موجب شهر ۾ جوابدار ٻه هزار 297 موبائل فونز ڦر ڪيون، جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جا 2 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڀتي جون 13 وارداتون رپورٽ ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.