نواز شريف کي فيور ملڻ جو چوندڙن کي شرم اچڻ گهرجي: مريم نواز

جلالپور جٽان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته انهن کي شرم اچڻ گهرجي، جيڪي چون ٿا ته نواز شريف کي فيور ملي رهي آهي.
گجرات ضلعي جي شهر جلالپور جٽان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو مخالف چون ٿا ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي، پاڪستان ۾ اهي ڪهڙيون جيلون آهن، جتي نواز شريف نه ويو؟
هن چيو ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ گروهه واپسي تي سندس آجيان ڏسي ڇڏي، جڏهن عوام جو فيصلو آيو ته نواز شريف جي حق ۾ آيو.
سندس چوڻ هو ته هڪ شخص جيل ۾ ويهي پنهنجي عملن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، جيڪو نواز شريف کي چور چوندو هو، هن پاڻ تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.