ڊالر جي اگهه بابت وڏي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فاريڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي چيئرممين ملڪ بوستان ڊالر جو اگهه وڌيڪ ڪِرڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ ڊالر 260 کان 250 رپين تائين به اچي سگهي ٿو.
پنهنجي بيان ۾ ملڪ بوستان چيو ته آءِ ايم ايف کان جلد رقم ملي ويندي، جنهن کانپوءِ ڊالر وڌيڪ ڪرندو ۽ مستقبل ۾ اهو 260 کان 250 تائين به اچي سگهي ٿو.
واضح رهي ته رپئي جي قدر ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، هڪ هفتي دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 9 پئسا سستو ٿيو ۽ 283 رپين 87 پئسن تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.