نازيبا وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ تي شاگردياڻي عمارت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پنهنجي نازيبا وڊيو کان پريشان شاگردياڻي عمارت جي ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب شاگردياڻي جي سڃاڻپ ڪاشيرام جي نالي سان ٿي، جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي دوست سان گڏ ڪيفي ۾ وئي هئي، جتي جوابدارن ان جي نازيبا وڊيو رڪارڊ ڪئي.
جوابدار شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندا رهيا، جنهن کان تنگ اچي هن عمارت جي ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي ۽ سخت زخمي ٿي پئي.
ڪاشيرام کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي هوءَ علاج هيٺ آهي، شاگردياڻي هوش ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪاريو ۽ سڄو معاملو ٻڌايو.
پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.