ابرار احمد جي جاءِ تي ساجد خان کي آسٽريليا موڪلڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي انجريءَ جو شڪار ابرار احمد جي جاءِ تي آف اسپنر ساجد خان کي آسٽريليا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب آف اسپنر ساجد خان کي آسٽريليا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کيس ابرار احمد جي ان فٽ ٿيڻ تي موڪليو پيو وڃي.
ٽيم مئنيجمينٽ جي مشاورت سان سليڪشن ڪميٽي ساجد خان جي نالي تي اتفاق ڪيو، سفري دستاويز مڪمل ٿيندي ئي ساجد خان روانو ٿيندو، کيس آسٽريلوي ٽيم ۾ کاٻڙي بيٽر وڌيڪ هجڻ جي بنياد تي ترجيح ڏني پئي وڃي.
ساجد خان هيل تائين 7 ٽيسٽ ميچن ۾ 22 شڪار ڪري چڪو آهي، هو گذريل سال مارچ ۾ آسٽريليا خلاف پنهنجي آخري ٽيسٽ کيڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.