ڪراچي ۾ غير قانوني پارڪنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غير قانوني پارڪنگ مافيا خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مڪاني کاتن جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور علي شيخ جي صدارت هيٺ پارڪنگ مافيا بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غير قانوني پارڪنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن ٽائونز جي حدن ۾ قائم غير قانوني پارڪنگ وارين جاين کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.
ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته پارڪنگ مافيا جي سرپرستن، سهولتڪارن کي انجام تي پهچايو وڃي، پوليس ٽريفڪ ۽ ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن کي آپريشن دوران آن بورڊ رکيو وڃي.
هن چيو ته غير قانوني پارڪنگ مافيا ۾ ملوث ڪردارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.