سيپڪو جو ڪارنامو، قمبر ۾ اڍائي ورهين جي ٻار تي بجلي چوري جو ڪيس داخل

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر – شهدادڪوٽ ۾ سيپڪو اختيارين جي فرياد تي اڍائي ورهين جي ٻار تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
معصوم ٻارڙي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس کي ان جي عمر جي خبر پئي، اڍائي ورهين جي ڀورل خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي سيپڪو ۽ پوليس اختياريون پريشان آهن.
پوليس اڃا تائين گرفتاري يا ڪيس ڪينسل ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪري سگهي، ايف آءِ آر جي متن موجب ڳوٺ خادم سيلرو ۾ ڀورل جي گهر چوري جي بجلي هلي رهي هئي.
داخل ڪيس موجب ڪنيڪشن ڪاٽي ايس ڊي او شهدادڪوٽ کي اطلاع ڏنو، جنهن جي خط لکڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪيو.
واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ حڪومت جو بجلي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.