جيڪو ڪم حڪومت نه ڪري سگهي اهو اسان کي ڪرڻو پوندو: شاهد آفريدي

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽ اڪيڊميز تي جيڪو ڪم حڪومت نه ڪري سگهي، اهو اسان کي ڪرڻو پوندو.
شاهد آفريدي بهاولپور ضلعي جي تعلقي حاصل پور جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته حاصل پور اچڻ جو مقصد ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٺاهڻ آهي، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊميز نه هجڻ سان ٽئليٽ ضايع ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ اڪيڊميز تي جيڪو ڪم حڪومت نه ڪري سگهي، اهو اسان کي ڪرڻو آهي، نوجوان بهتري جي اميد رکن، بي روزگاري جي خاتمي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.