ڪئناڊا جي سينيمائن ۾ بالي ووڊ فلمن جي نمائش دوران حملا

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي سينيما گھرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش دوران اڻڄاتل ماڻهو پراسرار گيس ڇڏي فرار ٿي ويا.
رپورٽ موجب اڻڄاتل ماڻهن پاران ٽن سينيما گھرن ۾ اُن وقت پراسرار گيس ڇڏي وئي جڏهن ماڻهو فلم ڏسڻ ۾ مصروف هئا.
پوليس موجب حملي جي فورن بعد ماڻهن کي سينيما گھرن مان ڪڍڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي طبيعت ناساز ٿيڻ سبب طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
يارڪ ريجنل پوليس موجب چهرن تي ماسڪ پهريل ٻن اڻڄاتل ماڻهن سينيما گھر ۾ پراسرار گيس ڇڏي جنهن جي ڪري ماڻهو کنگهڻ لڳا. حملي جي وقت لڳ ڀڳ 200 ماڻهو بالي ووڊ فلم ڏسي رهيا هئا.
سي بي سي نيوز موجب يارڪ ريجنل پوليس هن هفتي پيش آيل اهڙن ئي واقعن بابت ۾ پيل ۽ ٽورنٽو پوليس ٻنهي سان رابطي ۾ آهي.
پيل پوليس تصديق ڪئي ته برامپٽن جي سينيما گھر ۾ اهڙيءَ طرح اڻڄاتل ماڻهو پراسرار گيس ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کان پوءِ شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو.
ٽورنٽو پوليس موجب سڪاربورو ٽاپم سيمٽر ڪي سينيما گھر ۾ اڻڄاتل شخص بالي ووڊ فلم جي نمائش دوران بوءِ واري گيس ڇڏي فرار ٿيو جنهن کان پوءِ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻو پيو.
ٽنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.