گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ويجهو ريل گاڏي مزدا کي ٽڪر هڻي ڪڍيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
محمد پور اسٽاپ وٽ گرين لائين ٽرين ڪمند سان ڀريل مزدا سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ ڊرائيور نور حسن ٽانوري فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽرين ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا.
ٽرين کي ٻي انجڻ ذريعي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.