سُهانا کي اداڪاري نٿي اچي، شاهه رخ خان جي ڌيءَ تنقيد جي وڪڙ ۾

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان ڊيبيو فلم ”دي آرچيز“ ٿيندي ئي تنقيد جي وڪڙ ۾ اچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي ڌيءَ سُهانا خان فلم ”دي آرچيز“ ذريعي ڊيبيو ڪيو، فلم اڄ نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي وئي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران دي آرچيز تي تبصرا ڪيا پيا وڃن ۽ سُهانا خان جي اداڪاري تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، واهپيدارن جو چوڻ آهي ته سُهانا خان کي اداڪاري نٿي اچي.
هڪ واهپيدار لکيو ته سُهانا خان سوڌو اسٽار ڪڊز اداڪاري نٿا ڪري سگھن،آئون وري چوان ٿو ته اداڪاري نٿا ڪري سگھن، ڪوئل پري، علي خان ۽ ٻين کي ڏسي سٺو لڳو، ڪو به براڊ ڊائريڪٽر نٿو ٿي سگھي، رڳو برا اداڪار ٿي سگھن ٿا.
ٻئي واهپيدار لکيو ته ”لکين خوبصورت عورتون موجود آهن پر ”ويرونيڪا“ جي ڪردار لاءِ سُهانا خان جي چونڊ ڪئي وئي“.
ٽئي واهپيدار چيو ته ”رات جو آئون آرچيز ڏسڻ شروع ڪئي 15 منٽن کان پوءِ آئون سمهڻ کي ترجيح ڏني، سُهانا خان نه خوبصورت آهي ۽ نه ئي سندس ڪارڪردگي سٺي آهي“.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته آرچيز ڏسڻ کان پوءِ آئون فيصلو نه ڪري سگھيس ته سُهانا خان جي اداڪاري خراب آهي، ڊانس سٺي ناهي يا وري ڊائلاگ جي ادائگي بري آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.