ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو.
لارجر بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس امال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن علي رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.