سيٺارجا: گهر تي حملو ڪري عورت ڪهاڙيون هڻي قتل

سيٺارجا (ويب ڊيسڪ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير مڱڻيجو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر تي حملو ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس مڙس زخمي ٿي پيو.

اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مسمات سرور خاتون قتل ٿي وئي ۽ سندس مڙس شعبان مڱڻيجو زخمي ٿي پيو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيو.

You might also like