عاصم رياض ۽ همانشي کرانا 4 ورهين کانپوءِ ڌار ٿي ويا

ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي مقبول ترين سيزن 13 جي رنر اپ عاصم رياض ۽ ڪنٽيسٽنٽ همانشي کرانا مذهب خاطر هڪٻئي سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
همانشي ۽ عاصم جي دوستي 2019 ۾ بگ باس 13 ۾ ئي ٿي هئي ۽ ٻئي گذريل چئن سالن کان هڪٻئي سان گڏ هئا پر هاڻ انهن جو بريڪ اپ ٿي ويو آهي.
پنجابي گلوڪارا همانشي پنهنجو رشتو ختم ڪرڻ بابت مداحن کي سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي آگاهه ڪيو.
هن لکيو ته ها، هاڻ اسان گڏ ناهيون، جيڪو به وقت اسان گڏ گذاريو اهو سٺو هو پر هاڻ اسان گڏ ناهيون ۽ پنهنجي پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون.
همانشي رشتو ختم ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي لکيو ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي احترام سان گڏ اسان پنهنجي مختلف عقيدن لاءِ محبت کي قربان ڪري رهيا آهيون، اسان جو پاڻ ۾ ڪو اختلاف ناهي.
گڏوگڏ هن مداحن کي ان فيصلي جو احترام ڪرڻ جي به درخواست ڪئي.
انسٽاگرام تي گلوڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته اسان گهڻي ڪوشش ڪئي پر زندگي جو ڪو حل نه ڪڍي سگهياسين، هڪٻئي سان محبت ڪندا آهيون پر ڪڏهن ڪڏهن قسمت توهان جو ساٿ ناهي ڏيندي، ڪا نفرت ناهي، رڳو محبت آهي ۽ هن کي سمجهداري سان ڪيل فيصلو چئون ٿا.
هوڏانهن عاصم رياض طرفان ان حوالي سان ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.