صحافي جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ 50 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش

سکر (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي سکر آءِ جي سنڌ کي صحافي جان محمد ماهر جي قاتل شيرو مهر جي گرفتاري لاءِ 50 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ايس ايس پي عرفان سمون موجب شيرو مهر جي گرفتاري لاءِ سکر ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو شاهه ٻيلي ۾ آپريشن جاري آهي، جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي.
هن چيو ته جوابدارن پوليس تي راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن تي پوليس طرفان به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ جوابدار جهنگ ڏانهن فرار ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتل شيرو مهر جي گرفتاري لاءِ 50 لک رپيا انعام رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان آءِ جي سنڌ کي لکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.