ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعيد آباد ۾ پوليس يوسف ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي سالن کان بند پوليس چوڪي انٽرسٽي بس ٽرمينل کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ سمگلرن لاءِ بري خبر اچي وئي، سعيد آباد پوليس جي وڏي نفري يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل پهتي ۽ بند پوليس پوسٽ جو تالو ٽوڙي ڇڏيو.
پوليس ڪيترن ئي سالن کانپوءِ چوڪي انٽڙسٽي بس ٽرمينل بحال ڪري ڇڏيو ۽ بس ٽرمينل جي داخلي ۽ ٻاهرين رستن تي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي.
ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو ٻڌايو ته سمگلنگ مافيا يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل کي نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو هو، ڪراچي ۾ پوليس لاءِ ڪا جاءِ نوگو ايريا ناهي، هاڻ ان ئي ٽرمينل تي چوڪي بحال ڪري سڀني تي نظر رکنداسين.
عارف اسلم رائو چيو ته يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل پهچندڙ نفري سرچ آپريشن ڪندي سمگلنگ مافيا جي 6 ميمبرن کي 6 گاڏين سوڌو گرفتار ڪري ورتو، سڀني گاڏين ۾ سوپاريون ۽ ٻيو سامان سمگل ڪيو ويندو هو.
ايس ايس پي ڪياماڙي وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل سامان برآمد ڪيو ويو آهي ۽ سمگلنگ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
You might also like